تذڪره شعراءِ ڪشمير (چار جلد)

تذڪره شعراءِ ڪشمير (چار جلد ):هي ضخيم تذڪرو سيد حسام الدين راشدي صاحب (1911ع_1982ع) مرتب ڪيو آهي. راشدي صاحب جي حوالي سان شعر، ادب، تذڪري ۽ تاريخ جي لڳ ڀڳ ٽيتاليهه ڪتابن جو تعداد اچي ٿو. ان کان علاوه فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان ۾، سوين ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مقالا ۽ مضمون پڻ سندس قلم جو نچوڙ آهن. راشدي صاحب سال 1967ع ۾ اقبال اڪيڊمي ڪراچي (هاڻي لاهور) لاءِ، اصلح ميرزا جو تذڪرو ”شعراءِ ڪشمير“ (تاليف 1161هه/ 1747ع) ايڊٽ ڪيو، تڏهن کين پنهنجي هن ضخيم ڪتاب جي ترتيب جو خيال آيو. پاڻ لکن ٿا: ”... ان دوران ڪتابن جو اڀياس ڪندي، ڪيئي اهڙا شاعر نظر تي چڙهيا، جن جو ذڪر اصلح جي تذڪري جو ڪونهي. اهڙن شاعرن بابت مواد گڏ ڪندي، ترتيب به ڏيندو ويس. چناچه هنن اٺن مهينن ۾، نه صرف اصلح جو تذڪرو مفصل حاشين سان تيار ٿيو، بلڪه ٻيو تذڪرو به تيار ٿيو...“ ابتدا ۾ هن تذڪري جي رٿا ٻن جلدن ۾ هئي، جيڪو پوءِ چئن جلدن تي پکڙجي ويو. هن جلد ۾ الف کان ش تائين، ڪل هڪ سؤ ويهن شاعرن جو احوال اچي ٿو. پنج سؤ سورهن صفحن تي مشتمل هن تذڪري جو پهريون ڀاڱو سال 1967ع ۾ اقبال اڪيڊمي طرفا ڇپايو ويو. ٻيو جلد پنج سؤ ستاويهن صفحن تي آهي، جنهن ۾ ڪل چوونجاهه (ص_غ)، شاعرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. شعراءِ ڪشمير جي هن تذڪري ۾، مرزا صائب ۽ عرفي شيرازي بابت، متن کان علاوه تعليقات ذريعي پڻ ڪافي مواد سهيڙيو ويو آهي. هن جلد ۾ اٺٽيهه تصويرون پڻ ڏنل آهن، جن مان ڪجهه فوٽو مؤلف پاڻ ڇڪيا آهن. هي جلد سال 1968ع ۾ شايع ٿيو. ان جو ٻيو ايڊيشن پڻ ظاهر ٿيو آهي. هن تذڪري جو ٽيون جلد پنج سؤ چوٽيهن صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ اوڻهتر شاعرن (ف کان م تائين) جو تذڪرو موجود آهي. ان سان گڏ تعليقات جي شڪل ۾ ملا شيدا ۽ فيضيِءَ بابت، اضافي مواد پڻ مهيا ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب هن جلد جي آخر ۾، ڪجهه نسب نامه ۽ تصويرون پڻ شامل ڪيون آهن. هي جلد سال 1968ع ۾ ۽ ٻيون ڀيرو 1982ع ۾ اقبال اڪيڊمي ڇپايو. شعراءِ ڪشمير جو چوٿون جلد، ڪل ٽي سؤ چوونجاهه صفحن تي مشتمل آهي. هن حصي ۾ ڪل هڪ سؤ ٽيهه بزرگن جو ذڪر ٿيو آهي. ان کان علاوه آخر ۾ ٻن فهرستن، الف، تذڪري جي تياريءَ ۾ ڪتب آندل ماخذ، ب، ڪشمير متعلق مواد جي ببليوگرافي پڻ هن جلد جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي. هي جلد سال 1969ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ ستاويهه فوٽا ۽ چئن ئي جلدن بابت انڊيڪس پڻ شامل آهي. اسان جي هن سنڌي عالم، شعراءِ ڪشمير جو هي تذڪرو ٽن سالن جي مدي ۾ تڪميل تي پهچايو. ڪشمير بابت هي مثالي ماخذ ڪل ٻه هزار صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ ٽي سؤ ٽيهتر شاعرن جو ذڪر ملي ٿو. راشدي صاحب فارسي ڪتابن جي اڪثر ڪري ايڊيٽنگ ڪئي آهي، تاهم هي سندن اصل ڪم آهي، جنهن کي تصنيف بجاءِ تاليف ۽ ترتيب سڏڻ بهتر ٿيندو. هن تذڪري جي تياريءَ لاءِ سوين خطي ۽ ڇپيل ديوان، تذڪرا، تاريخون ۽ بياض ڪتب آندا ويا آهن. سيد صباح الدين عبدالرحمان، هن تذڪري بابت هن ريت تبصرو ڪيو آهي:”... راشدي صاحب ذڪره شعراءِ ڪشمير کي مختلف جلدن ۾ ترتيب ڏئي، ارباب علم جي ڪيترن ئي مسئلن کي آسان بنائي ڇڏيو آهي. هن ۾ جنهن به شاعر جو ذڪر آيو آهي، ان متعلق وڏي محنت ۽ تڪليف سان سڀني تذڪرن جا اقتباس هڪ هنڌ جمع ڪيا ويا آهن، انڪري جدا جدا تذڪرن جي خاڪ ڇاڻڻ کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو